جن پڙهايو پاڻ

جن پڙهايو پاڻ

جن پڙهايو پاڻ

جن پڙهايو پاڻ (ڪتاب ):هي ڪتاب، سنڌي ٻوليءَ جي نامور دانشور، شاعر ۽ قومي ڪارڪن، خاڪي جويي جي آتم ڪٿا آهي، جنهن ۾ هن جي ستهٺ ساله (2009-1942) ذاتي، ادبي، ثقافتي ۽ سياسي زندگيءَ جو احوال ڏنل آهي.
خاڪي جويي جي هيءَ آتم ڪٿا ٽن حصن تي مشتمل آهي، پهرئين حصي ۾ ڄمڻ کان 27 سالن جو احوال ۽ ان دور جي ادبي، ثقافتي ۽ سياسي صورتحال جو ذڪر آهي، جنهن ۾ هو پاڻ سڌيءَ ريت شريڪ ته نه هو، پر ڪتابن جي مطالعي جي آڌار تي ان جو بيان ڪيو ويو آهي. ٻئي حصي ۾ هن پنهنجي شعوري زندگيءَ جو احوال ڏنو آهي، جيڪا 1966ع کان شروع ٿئي ٿي، جڏهن هن پهرين ادب ۽ پوءِ سياست ۾ پير پاتو هو، پر حقيقت ۾ هو اُن جو شمار 1969ع کان ڪري ٿو، جيڪو دور هن جي پڙهيل ڳڙهيل انسان جو شعوري دور آهي، ۽ ٽئين حصي ۾ علمي ادبي ۽ سياسي زندگيءَ جو تفصيلي ذڪر آهي.
هيءَ آتم ڪٿا خاڪي جويي، 2008ع دوران مٿس فالج جي ٿيل ٻن حملن کان پوءِ ان احساس هيٺ لکي ته خبر ناهي زندگي ڪيترا ڏينهن وڃي رهي، اُن ڪري جيڪي ڪجهه ياد آهي، لکي وٺجي. ياد رهي ته ان ئي عرصي ۾ هن باوجود ڊاڪٽرن جي منع جي نه رڳو مطالعو جاري رکيو، پر جون- جولاءِ 2010ع کان نومبر 2010ع تائين جي مختصر عرصي ۾ خود ڪمپيوٽر تي ويهي، 560 صفحن تي مشتمل هيءَ آتم ڪٿا ڪمپوز ڪري لکي ورتي.
خاڪي جويي جي هن آتم ڪٿا لکڻ جي انداز تي سائين جي. ايم. سيد جي آتم ڪهاڻي ”پنهنجي ڪهاڻي، پنهنجي زباني“ جو وڏو اثر آهي.
هن آتم ڪٿا ۾ خاڪي جويي، پنهنجي ذاتي ۽ خانداني زندگي، سن ۽ پنهنجي خاندان جي واسطي، گذرمعاش جي تڪليفن ۽ ڪشالن، سياسي ۽ ادبي سفر، رسالي ’ساڃاهه‘ ۽ ساڃاهه پبليڪيشن جي سياسي ڪردار، قومي تحريڪ جي ڀڃ ڊاهه کان وٺي ورلڊ سنڌي ڪانگريس طرفان 2010ع ۾ کيس مليل ’جي. ايم. سيد اوارڊ‘ تائين جو تفصيلي ذڪر انتهائي سچائيءَ سان ڪيو آهي ۽ ڪٿي به رک رکاءَ ۽ مصلحت کان ڪم نه ورتو آهي. ڊيمي سائيز جي 563 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ/ حيدرآباد پاران 2010ع ۾ ڇپيو آهي ۽ ڪتاب جي قيمت 400 روپيا آهي .


لفظ جن پڙهايو پاڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو